وفا پلي، سنڌي غزل جو بھترين شاعر جوانيءَ ۾

وفا پلي، سنڌي غزل جو بھترين شاعر جوانيءَ ۾

پلي ولي محمد وفا

پلي، ولي محمد ’وفا‘: غزل جي مشهور شاعر وفا پليءَ جو اصل نالو ولي محمد ولد خانصاحب عطا محمد پلي آهي. هن 7 ڊسمبر 1944ع تي ڳوٺ خان صاحب عطا محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. هن جي تعليم سنڌي فائنل ۽ اديب سنڌي آهي. ولي محمد ’وفا‘ همعصر دؤر جو هڪ پختو شاعر آهي. شاعريءَ ۾ ڪافيون ۽ غزل سندس پسند جون صنفون آهن. هي خاص ڪري غزل ۾ پنهنجو منفرد لهجو، اسلوب ۽ گهاڙيٽو رکي ٿو. کيس نامور فنڪارن عابده پروين، استاد غلام قادر، سينگار علي سليم ۽ شفيع فقير خاص طور ڳايو آهي. ولي محمد وفا، پيشي جي لحاظ سان زميندار آهي. هن وٽ به پنهنجي ڀاءُ عبدالڪريم پليءَ وانگر اديبن ۽ شاعرن جون هميشه محفلون متل هونديون آهن. ولي محمد وفا جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’لونءَ لونءَ منجهه لغار‘ (1962ع) ۽ (2) ’درد هزارين هڪڙي دل‘ (1 جنوري، 2001ع) شامل آهن. سنڌي غزل جو ھِي مشھور شاعر 18 اپريل 2019ع تي ڊگهو عرصو بيمار رھڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.12.07  عيسوي

ولي محمد ’وفا‘ 7 ڊسمبر 1944ع تي ڳوٺ خان صاحب عطا محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.


2019.04.18  عيسوي

ولي محمد ’وفا‘ 18 اپريل 2019ع تي ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳوانداس مهاراج
دانش اياز
اعظم شاهه بقاپوري
راض محمد خان عاشق
آذر ناياب بدايوني
رخسانه رخ سومرو
سيد عباس علي شاهه رضوي
الطاف عباسي
پٺاڻ محمد اڪرم
محمد عارف شڪارپوري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون